امام حسين (ع) جي عظمت قرآن جي نگاھ ۾

تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته تاريخ سوين سورمن کي جنم ڏنو آهي پر امام حسين (ع) انساني  تاريخ جو اهو عظيم گوهر آهي جنهن جو مان ، مقام يا  فضيلت بيان ڪرڻ ڪنهن به عام انسان جي وس جي ڳالھ ناهي ،توڙي جو هڪ هزار ۽ ڪجھ سو سالن جي طويل عرصي ۾ امام (ع) جي مقام،سندس فضيلت، شان ۽ شخصيت بابت اڻ ڳڻيا ڪتاب به لکيا ويا آهن نامحدود تعداد ۾ امام(ع) جي بابت مجلسون، درس به منعقد ٿيا آهن وري به حقيقت ۾ امام (ع) جي فضيلت جي گھري سمنڊ جوشايد هڪ قطرو به بيان ٿيو هجي .

 

ان ڪري جو مولا امام حسين (ع)  اهڙي مقدس ذات جو نالو آهي جنهن لاءِ جيڪڏهن وسيع زمين ۽ آسمان کي ڪاغذ بڻائي ، دريائن، سمنڊن ۽ نهرن کي مس بڻائي ،جنن انسانن ۽ فرشتن کي مولا جي فضيلت لکڻ لاءِ معين ڪجي تڏهن به اهي مولا جي عظمت جي ڪمال کي بيان نه ڪري سگھندا ڇو جو هي اهڙيون عظيم هستيون آهن جوهنن جي محبت ۾ موت به شهيد جيترو اجر ۽ مقام رکي ٿو.ته خود هن راھ ۾ شهادت جو ڪيترو اجر ۽ مقام هوندو ؟!. ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته بشريت قيامت ڏهاڙي تائين انهن هستين جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته جئين دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ۽ ڪامياب بڻجي سگھن

اسان به هن تحرير ۾ امام حسين(ع) جي ڪجھ فضيلتن ۽ عظمتن کي الله سائين جي بي عيب ڪتاب قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ بيان ڪندا سين ان ڪري جو قرآن هدايت ڪندڙ ڪتاب آهي  ۽ سڀئي مسلمان متفق آهن ته قرآن قيامت تائين انسانن جي هدايت جو ذريعو آهي .هنن هستين جي فضيلتن کي الله جي بي عيب ڪتاب ڪيترين ئي جاين تي بيان فرمايو آهي . ڪڏهن مولا جي عصمت ۽ پاڪائي جي گواهي ڏيندي فرمائي ٿو : ُإِنَّمايُريدُاللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً، ته ڪڏهن مباهلي جي ميدان ۾ مسيحيت جي بزرگن کي ننڊپڻ جي عالم ۾ شڪست ڏياريندي نظر ٿو اچي ۽” ندع ابنائنا “ جو ترانو ٿو پڙهي ۽ اهو اعلان ٿو ڪري ته جيڪو به هنن جي مقابلي ۾ ايندو اهو ڪوڙوآهي  ۽ ڪوڙن تي الله سائين جي لعنت آهي ته ڪڏهن وري امام حسين (ع)  ۽ سندس گھر وارن تي سلام ڪندي ” سلام على آل يس “جا مصداق بيان ٿو ڪري ،ته ڪڏهن وري ” و من عنده علم الکتاب “ جو تمغو هنن جي سينن تي ٿو سجائي ته ڪڏهن وري ” الا لمن ارتضي “ جي ذريعي غيب جو ڄاڻو ٿو بيان ڪري ته ڪڏهن وري هر قرآن جي تلاوت ڪندڙ کي ٻڌائي ٿو ته قل لا اسئلکم عليه اجرا الا المودة في القربي ڪٿي هنن جي عبادت جو مثال ٿو ٻڌائي ، ته ڪٿي وري هنن جي شجاعت جو داستان ،ان ڪري اسان به مولا جي فضيلت جا ڪجھ پهلو قرآن مجيدجي تفسير جي ڪجھ معتبر ڪتابن منجھان ثابت ڪنداسين.

1. امام حسين    (ع) رسول الله (ص)جو فرزند : نبي ڪريم (ص)جي بعثت کان پهريان جاهل عربن ۾ اهو رواج هو ته نياڻين کي ڪا به اهميت نه ڏيندا هئا نه وري نياڻين جي اولاد کي پنهنجو اولاد تصور ڪندا هئا . اها ساڳئي بيهوده رسم بني اميه ۽ بني عباس جي دور ۾ ايتري ته شديد ٿي وئي جو ڪجھ ماڻهن رسول الله (ص)جي اولاد متعلق پڻ شڪ ۽ شبها ايجاد ڪرڻ شروع ڪيا  ته امام حسن (ع) ۽ امام حسين (ع)  رسول الله(ص) جا فرزند ناهن ڇو جو  رسول الله (ص)جي نياڻي ءَ جو اولاد آهن.  ان ڪري علي (ع) ۽ جناب زهرا (س) جي اولاد کي اولاد رسول نه چوڻ گھرجي. پر اها ڳالهه قرآن مجيد جي خلاف آهي ان ڪري اسان قرآن مجيد منجھان ثابت ٿا ڪريون ته امام حسن ۽ امام حسين (ع) رسول الله (ص)جو اولاد آهن .

* سيوطي پنهنجي تفسير در المنثور ۾ لکيو آهي ته : حجاج بن يوسف ثقفي ڪنهن ماڻهو کي يحيى بن يعمر ڏانهن موڪليو ، جڏهن يحيى آيو، ته حجاج ان کي چيو : مان ٻڌو آهي ته تون سمجھين ٿوته حسن ۽ حسين (ع)  رسول الله (ص) جي خاندان منجھان آهن  ڇا اها ڳالھ قرآن مجيد منجھان ثابت ڪندي ؟ مان ته سڄي قرآن ۾ ڪٿي به اهڙي آيت ناهي پڙهي ، ته يحيى بن يعمر چيو : ڇا سوره انعام جون هي  آيتون پڙهيون اٿئي؟  : وَ تِلْكَ حُجَّتُنا آتَيْناها إِبْراهيمَ عَلى‏ قَوْمِهِ نَرْفَعُ دَرَجاتٍ مَنْ نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ وَ وَهَبْنا لَهُ إِسْحاقَ وَ يَعْقُوبَ كُلاًّ هَدَيْنا وَ نُوحاً هَدَيْنا مِنْ قَبْلُ وَ مِنْ ذُرِّيَّتِهِ داوُدَ وَ سُلَيْمانَ وَ أَيُّوبَ وَ يُوسُفَ وَ مُوسى‏ وَ هارُونَ وَ كَذلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنينَ وَ زَكَرِيَّا وَ يَحْيى‏ وَ عيسى‏ وَ إِلْياسَ كُلٌّ مِنَ الصَّالِحينَ  وَ إِسْماعيلَ وَ الْيَسَعَ وَ يُونُسَ وَ لُوطاً وَ كلاًّ فَضَّلْنا عَلَى الْعالَمينَ ((1)

ترجمو : اهو اسان جو دليل آهي جيڪو ابراهيم کي پنهنجي قوم تي عطا ڪيو سين  اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪندا آهيون ۽ تنهنجو رب حڪيم ۽ عليم آهي . اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب هديو ڪيو سين جيڪي هدايت يافته آهن ۽ ان کان پهريان نوح کي سندس خاندان ۾ داود، سليمان، ايوب ،يوسف، موسى ۽ هارون عطا ڪيا سين ۽ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي اجر ڏيندا آهيون. ۽ زڪريا ، يحيى عيسى ۽ الياس جي هدايت ڪئي سون اهي سڀ صالح آهن .۽ اسماعيل ،  يسع ، يونس ۽ لوط جي هدايت ڪئي سين ۽ سڀني نبين کي عالمين تي برتري ڏني سين . 

ته حجاج چيو ها، ته يحيى فرمايو: ڇا حضرت عيسى حضرت ابراهيم جي نسل منجھان نه هيو جڏهن ته حضرت عيسى جو پيءُ ڪو نه هو؟ ان ڳالھ تي حجاج خاموش ٿيو ۽ چيائين صحيح چوين ٿو (2)

* تفسير برهان ۾ ڪتاب ڪافي منجھان روايت نقل ٿيل آهي ته ابو الجارود نقل ڪري ٿو ته امام محمد باقر (ع) فرمايو : اي ابوالجارود توهان وٽ ڪو دليل آهي ته امام حسن ۽ امام حسين (ع) رسول الله (ص)جو اولاد آهن ؟ ته ابو الجارود سوره انعام جون اهي آيتون تلاوت ڪيون ته امام (ع) فرمايو : ته صحيح آهي پرجيڪڏهن ڪير اعتراض ڪري ته حضرت عيسى جي ڳالھ جدا آهي ته پوءِ؟  راوي چوي ٿو ته مان خاموش ٿيس ته امام (ع) فرمايو مان اوهان کي اهڙو قرآني دليل ٿو ٻڌايان جنهن سان ثابت ٿيندو ته امام حسن ۽ امام حسين (ع) رسول الله (ص)جا فرزند آهن ان جو ڪافر کان سواءِ ڪو به انڪار نه ڪندو ته مون سوال ڪيو مولا اها ڪهڙي آيت آهي . ته امام فرمايو : حُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ أُمَّهاتُكُمْ وَ بَناتُكُمْ وَ أَخَواتُكُمْ وَ عَمَّاتُكُمْ وَ خالاتُكُمْ وَ بَناتُ الْأَخِ وَ بَناتُ الْأُخْتِ وَ أُمَّهاتُكُمُ اللاَّتي‏ أَرْضَعْنَكُمْ وَ أَخَواتُكُمْ مِنَ الرَّضاعَةِ وَ أُمَّهاتُ نِسائِكُمْ وَ رَبائِبُكُمُ اللاَّتي‏ في‏ حُجُورِكُمْ مِنْ نِسائِكُمُ اللاَّتي‏ دَخَلْتُمْ بِهِنَّ فَإِنْ لَمْ تَكُونُوا دَخَلْتُمْ بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيْكُمْ وَ حَلائِلُ أَبْنائِكُمُ الَّذينَ مِنْ أَصْلابِكُمْ (3)

ترجمو : توهان مٿان پنهنجي مائرن ، ڌيئرن ڀيڻن، پڦين، ماسين، ڀائٽين، ڀاڻيجن، رضاعي مائرن ۽ ڀينرن ۽ سس سان  ( نڪاح ڪرڻ)  حرام ڪيو ويو آهي. ۽ توهان جي گھر وارين جون اهي نياڻيون جن اوهان جي دامن ۾ تربيت حاصل ڪئي آهي جن گھروارين سان اوهان همبستر ٿيا آهيوجيڪڏهن همبستر ناهيو ٿيا ته پوءِ انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. ۽ اوهان مٿان اوهان جي فرزندن جون گھر واريون به حرام آهن.

ڇا رسول خدا (ص)امام حسن ۽ امام حسين(ع) جي گھر وارين سان شادي ڪري سگھي پيو ؟ جيڪڏهن  اسان جا مخالف ها ڪندا ته ڪوڙا ۽ فاسق آهن ۽جيڪڏهن نه ڪندا ته ڄڻ اعتراف ڪيائون ته امام حسن ۽ امام حسين (ع) رسول الله (ص)جي پاڪيزه نسل منجھان آهن  (4 )

2. امام حسين (ع) جو علم :

مذهب تشيع جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ اها ڳالھ واضح آهي ته آئمه معصومين (ع) جو علم خدا طرفان عطا ٿيل آهي ۽ انهن جو علم عام انسانن وانگر ناهي بلڪه يا ته رسول الله (ص)کان سکيو اٿن يا وري خدا جي طرفان عطا ٿيل آهي . ۽ آئمه معصومين (ع) ته غيب جي علم جا به صاحب آهن جنهن مهل جيڪا شي ڄاڻڻ چاهين ته ڄاڻي ٿا سگھن . پر هتي هڪ سوال آهي ته الله سائين قرآن مجيد جي ڪجھ  آيتن ۾ غيب جي علم کي پنهنجي ذات سان مخصوص ڪيو آهي ته پوءِ آئمه (ع) ڪيئن غيب جا ڄاڻو آهن ؟ ان مسئلي کي قرآن مجيد جي روشنيءَ  ۾ بيان ڪريون ٿا

غيب جي علم متعلق قرآن مجيد ۾ ٻن قسمن جون آيتون ملن ٿيون

1. اهي آيتون جن ۾ غيب جو علم رڳو الله سائين جي ذات سان مخصوص آهي .

مثال طور: وَ عِنْدَهُ مَفاتِحُ الْغَيْبِ لا يَعْلَمُها إِلاَّ هُوَ (5)

ترجمو: غيب جي خزاني جون چاٻيون ان وٽ ئي آهن جن کي هن کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي

يا وري هي آيت : وَ لِلَّهِ غَيْبُ السَّماواتِ وَ الْأَرْضِ وَ إِلَيْهِ يُرْجَعُ الْأَمْرُ كُلُّهُ (6)

ترجمو : جيڪو ڪجھ زمين ۽ آسمانن منجھ لڪيل آهي اهو خدا جي لاءِ آهي ۽ هر شي کي ان جي طرف موٽايو ويندو .

2. اهي آيتون جن ۾ الله سائين پنهنجي خاص بندن کي جن کان هو راضي هجي غيب جو علم عطا ڪندو آهي مثال طور: عالِمُ الْغَيْبِ فَلا يُظْهِرُ عَلى‏ غَيْبِهِ أَحَداً إِلاَّ مَنِ ارْتَضى‏ مِنْ رَسُولٍ فَإِنَّهُ يَسْلُكُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ وَ مِنْ خَلْفِهِ رَصَداً (7)

ترجمو : هو غيب جو عالم آهي ۽ هو پنهنجو غيب ڪنهن تي به ظاهر ناهي ڪندو سواءِ انهن جي جن کي پنهنجو رسول بڻائي موڪليو اٿس جن جي اڳيان ۽ پويان ملائڪ به حفاظت جي لاءِ رکيا اٿس .

ٻنهي آيتن کي ملائي سولائيءَ سان نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته غيب جو علم الله سائين سان مخصوص آهي هو هر شي کان آگاھ آهي غيب جي علم جو اڪيلو مالڪ آهي پر پنهنجي بندن منجھان ڪجھ خاص بندن کي جن کان هو راضي آهي غيب جو علم عطا ڪيو اٿس جئين نبي ۽ رسول يا ملائڪ . ان ڪري روايتن ۾ امام محمد باقر (ع) کان  بيان ٿيل آهي ته: ان لله عز و جل علمين علم لا يعلمه الا هو، و علم علمه ملائكته و رسله عليهم السلام فما علمه ملائكته و رسله فنحن نعلمه

الله سائين وٽ اهڙو علم به آهي جيڪو ان جي ذات کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي ۽ اهڙو علم به آهي جيڪو ملائڪن ۽ رسولن کي عطا ڪيو اٿس ۽ جيڪو به علم ملائڪن ۽ رسولن وٽ آهي اسان به ان علم کي ڄاڻيون ٿا . (8) ان کان وڌيڪ اهو به بيان ٿيل آهي ته آئمه معصومين (ع) جو علم خود انهن جي ارادي سان واڳيل آهي يعني جڏهن به ڪنهن شيءِ کي ڄاڻڻ چاهين ته ڄاڻي وٺندا امام صادق (ع) جو فرمان آهي : إذا أراد الامام ان يعلم شيئا أعلمه الله ذلك

امام (ع)جڏهن به ڪنهن شيءِ کي ڄاڻڻ چاهيندو آهي ته الله سائين امام (ع)کي ان شي جي تعليم ڏئي ڇڏيندو آهي .

3. امام حسين(ع) انبياءَ جي علم جو وارث

علي بن ابراهيم قمي پنهنجي تفسير ۾ حضرت اميرالمومنين علي (ع) کان روايت نقل ڪئي آهي ته : فقال أمير المؤمنين ع ألا إن العلم الذي هبط به آدم من السماء إلى الأرض و جميع ما فضلت به النبيون إلى خاتم النبيين في عترة خاتم النبيين (9)

ڄاڻي وٺو اهو علم جنهن جي وسيلي حضرت آدم آسمان کان زمين تي آندو ويو ۽ سڀني نبين کي جيڪا فضيلت عطا ٿي رسول الله (ص) تائين انهن سڀني جو علم عترت رسول وٽ به آهي .

4. امام حسين (ع) قرآن جو وارث

امام حسين (ع) جي قرآني عظمتن منجھان هڪ فضيلت اها به آهي جو مولا الله سائين جي موڪليل ڪتاب قرآن مجيد جو وارث آهي پر قرآن مجيد ۾ بيان ٿيل آهي ته ان جا وارث ڪير ٿي سگھن ٿا الله سائين فرمائي ٿو : ثُمَّ أَوْرَثْنَا الْكِتابَ الَّذينَ اصْطَفَيْنا مِنْ عِبادِنا فَمِنْهُمْ ظالِمٌ لِنَفْسِهِ وَ مِنْهُمْ مُقْتَصِدٌ وَ مِنْهُمْ سابِقٌ بِالْخَيْراتِ بِإِذْنِ اللَّهِ ذلِكَ هُوَ الْفَضْلُ الْكَبيرُ (10)

پوءِ اسان ڪتاب (قرآن) جو وراث بڻايو سين بندن منجھان چونڊيل انسانن کي پوءِ بندن منجھان ڪجھ پنهنجي نفس تي ظلم ڪن ٿا ته ڪجھ وري خيرات ڏانهن سبقت ٿا ڪن الله جي اذن سان ۽ اهو الله سائين جو وڏو فضل آهي .

ان آيت ۾ ڪتاب مان مراد قرآن ، اصطفينا مان مراد آئمه معصومين(ع) آهن ان ڪري جو روايت ۾ آيل آهي : عن الباقر والصادق (ع) هي لنا خاصة و ايانا عني (11) مولا فرمايو ان آيت مان مراد اسان ( رسول الله جو خاندان ) آهيون ۽  رڳو اسان جي متعلق نازل ٿيل آهي .

تفسير الميزان جو مصنف لکي ٿو : احمد بن عمر چوي ٿو مان امام رضا (ع) کان ان آيت ( : ثُمَّ أَوْرَثْنَا الْكِتابَ... ) متعلق سوال ڪيم ته مولا فرمايو ان آيت مان مراد سائڻ فاطمه زهرا (س) جو اولاد آهيون ۽ سابق بالخيرات مان مراد امام ،مقتصد مان مراد امام جي معرفت رکندڙ ۽ ظالم بنفس مان مراد امام جي معرفت نه رکندڙ انسان آهي (12)

امام جي ان فرمان مان سمجھي سگھجي ٿو ته قرآن جي آيت جي روشنيءَ ۾ رڳو معصومين (ع) قرآن جا وارث آهن .پر  امام حسين (ع) ته قرآن جو اهو وارث آهي جنهن جي تربيت ۽ پرورش خود رسول الله (ص)جن ڪئي آهي ان ڪري امام جن پاڻ به فرمايو ته مان نانا رسول الله (ص)جي سيرت ۽ قرآن جي دستورات کي زنده ڪرڻ جي لاءِ قيام ڪريان ٿو.

5 . امام حسين(ع) جي عصمت (پاڪائي)

عصم لغت ۾ روڪڻ،  منع ڪرڻ، يا حفاظت ڪرڻ جي معنا ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ديني اصطلاح ۾ عصمت مان مراد انبياءَ (ع) جو گناهن ۽ خطائن کان محفوظ رهڻ آهي پر اماميه جي نزديڪ انبياء ۽ آئمه معصومين (ع) ۽ سائڻ فاطمه (س) جو هر قسم جي گناھ ، خطا، اشتباھ ، سهو ،غفلت ۽ نسيان کان محفوظ رهڻ آهي ڄمڻ کان وٺي آخر عمر تائين .

آئمه معصومين(ع) جي عصمت تي سڀ کان وڏو دليل آيه تطهير آهي جنهن ۾ الله سائين جو ارشاد آهي : إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً (13)

بيشڪ الله سائين جو ارادو آهي   اي اهلبيت رسول  ته رجس کي اوهان کان دور ڪري ۽ اوهان کي پاڪ رکي جيئن پاڪ رکڻ جو حق آهي.

انما جي حصر جي ذريعي بيان ڪيائين ته رجس ۽ پليدي کان دور رڳو اهلبيت آهن .۽ علماءِ اسلام ۽ مفسر ان ڳالھ تي متفق آهن ته اهل البيت مان مراد اهلبيت رسول الله (ص)آهن ۽ بيت مان مراد رسول الله جو گھر ، ۽ ضمير جو مذڪر ( کم ) استعمال ٿيڻ ان ڳالھ جو دليل آهي ته اڪثريت مردن جي آهي لهذا رسول الله (ص)جون گھر واريون مراد ناهن نه ته ضمير مونث استعمال ٿئي ها.

ٻئي طرف ڪيتريون ئي شيعه سني روايتون موجود آهن ته اهل بيت مان مراد پنجتن پاڪ آهن  مثال طور: نظام الدين نيشاپوري لکي ٿو ته اهل بيت رسول فقط پنج انسان آهن رسول الله (ص)علي (ع) سائڻ فاطمه (س) حسن (ع) حسين (ع)   (14)

ثعلبي پنهنجي تفسير ۾ بيبي ام سلمه(س) کان رايت نقل ڪئي آهي ته رسول الله (ص)پنهنجي گھر ۾ هئا ته سائڻ زهرا (س) هڪ ريشمي چادر آندي ته رسول الله فرمايو ته اي فاطمه تون پنهنجي شوهر ۽ ٻن فرزندن ( امام حسن ۽ حسين (ع) ) کي سڏ ڪر جڏهن سڀئي آيا ته ڪجھ کاڌائون پوءِ رسول الله انهن جي مٿان اها چادر وجھي فرمايو : اللهم هؤلاء أهل بيتي و خاصتي، فأذهب عنهم الرجس و طهرهم تطهيرا» قالت: فأدخلت رأسي البيت، فقلت: و أنا معكم يا رسول اللّه؟ فقال صلى اللّه عليه و سلم: «إنك إلى خير، إنك إلى خير (15)

اي منهنجا الله هي منهنجا اهلبيت . خاص ۽ مددگار آهن ۽ هنن کان رجس ۽ پليدي دور ڪر۽ هنن کي اهڙو پاڪيزه بڻاءِ جهڙو پاڪ رکڻ جو حق آهي ته اتي آيه تطهير نازل ٿي ته مان چيو ته يا رسول الله مان به توهان سان گڏ آهيان ته رسول الله (ص)فرمايو تون نيڪي تي آهين ( ليڪن اهل بيت ۾ شامل نه آهين) 

ثعلبي ٻئي روايت بيبي عائشه کان نقل ڪئي آهي ته جڏهن عائشه کان جنگ جمل متعلق سوال ڪيائون ته افسوس ڪندي چيائين اها هڪ الاهي تقدير هئي .۽ جڏهن علي (ع) جي متعلق سوال ڪيائون ته چيائين : تسألني عن رجل من أحب الناس إلى رسول اللّه صلى اللّه عليه و سلم، و كانت تحته ابنته و أحب الناس إليه؟ لقد رأيت رسول اللّه صلى اللّه عليه و سلم دعا عليا و فاطمة و حسنا و حسينا رضي اللّه عنهم، فألقى عليهم ثوبا فقال: «اللهم هؤلاء أهل بيتي، فأذهب عنهم الرجس و طهرهم تطهيرا» قالت: فدنوت منهم فقلت: يا رسول اللّه، و أنا من أهل بيتك؟ فقال صلى اللّه عليه و سلم: «تنحي فإنك على خير

مون کان اهڙي انسان متعلق ٿا پڇو جيڪو رسول الله (ص) جو محبوب ترين انسان هوسندس گھر واري به رسول الله جي محبوب ترين عورت هئي مان پنهنجي اکين سان ڏٺم ته رسول الله (ص)علي (ع) فاطمه (س) حسن (ع) ۽ حسين (ع) کي هڪ چادر هيٺيان گڏ ڪري فرمايو : اي منهنجا رب هي منهنجا اهل بيت آهن ۽ هي منهنجا حامي ۽ مددگار آهن هنن کي هر قسم جي پليدي کان دور فرماءِ پوءِ مان انهن جي ويجھو وڃي چيو اي الله جا رسول ڇا مان به انهن منجھان آهيان ته رسول الله (ص)فرمايو پري ٿي ڀلي نيڪ به هجين (تڏهن به هن گروھ ۾ شامل ناهين) (15)  انهن بيانن منجھان سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو ته امام حسين (ع) معصوم انسان ۽ پيشوا آهي ان جو هر عمل خدا جي لاءِ آهي هو هر قسم جي دنيا داري ،مال ملڪيت،  ۽ شهرت جي عيبن کان پاڪ ۽ معصوم آهي ان ڪري ان جو قيام به خدا جي رضا ۽ انسانيت جي آزادي لاءِ درس آهي .

6. امام حسين    (ع) سان محبت رسالت جواجر آهي

امام حسين (ع) جي منزلت ۽ مقام کي بيان ڪندڙ آيتن منجھان هڪ آيه مودت به آهي الله سائين فرمائي ٿو : قُلْ لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى (17) اي رسول هنن کي چئو ته مان پنهنجي رسالت جو ڪو به اجر نٿو گھران سواءِ منهنجي اهلبيت سان مودت جي .

اهاڳالھ به واضح آهي ته اقرباء ۾ امام حسين (ع) به شامل آهي ڇو جو رسول الله (ص)جي نياڻي جو فرزند آهي .

ان ڪري اتفاق جي قريب مفسر ن جي اڪثريت ، آيه مودت مان مراد ساڳيو اهل بيت رسول (ص)

(  علي (ع) فاطمه (س) حسن (ع) ۽ حسين (ع) ) معنا ڪن ٿا .

تفسير ڪبير ۾ فخر رازي ذڪر ڪري ٿو ته اقرباء سان مودت واجب آهي ۽ دليل پيش ڪندي چوي ٿو ته ( المومنون والمومنات بعضهم اولياءُ بعض ) مطابق جڏهن  مسلمانن سان مودت واجب آهي ته اقرباءِ رسول سان  مودت بدرجه اولى واجب آهي . ان کان بعد آل متعلق هڪ روايت تفسير ڪشاف مان نقل ڪري آل جي معنا ڪندي لکي ٿو : : آل محمد صلى اللّه عليه و سلّم هم الذين يؤول أمرهم إليه فكل من كان أمرهم إليه أشد و أكمل كانوا هم الآل، و لا شك أن فاطمة و عليا و الحسن و الحسين كان التعلق بينهم و بين رسول اللّه صلى اللّه عليه و سلّم أشد التعلقات و هذا كالمعلوم بالنقل المتواتر فوجب أن يكونوا هم الآل (18)

آل محمد اهي انسان آهن جن ڏانهن رسول الله جي امر جي واپسي هجي ۽ جن جو رابطو رسول الله (ص)سان مضبوط۽ ڪامل هجي اهي آل محمد سمجھيا ويندا. ۽ ڪو به شڪ ناهي ته سائڻ فاطمه ، علي، حسن ۽ حسين (ع) جو رابطو مضبوط ترين رابطو هو اها شي يقيني ۽ متواتر حديثن منجھان ثابت آهي ان ڪري اهي ئي آل محمد آهن .

ان ڪري جيڪو به انسان امام حسين (ع) سان مودت رکندو اهو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيندو . بلڪه امام حسين سان محبت به وڏو مقام رکي ٿي روايتن ۾ ملي ٿو جيڪو به انسان امام حسين (ع) جي زيارت ڪندو الله سائين ان کي هڪ هزار مقبول حجن جيترو اجر ڏيندو.

7. امام حسين (ع) جي رضا جو مقام

قرآني آيتن ۾ غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ” رضا “ جو مقام بي انتها اهميت رکندڙ ۽ اها ڪمال واري منزل آهي جتي خدا جا ڪجھ خاص بندا پهچندا آهن . الله سائين جو ارشاد آهي : وَعَدَ اللَّهُ الْمُؤْمِنينَ وَ الْمُؤْمِناتِ جَنَّاتٍ تَجْري مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهارُ خالِدينَ فيها وَ مَساكِنَ طَيِّبَةً في‏ جَنَّاتِ عَدْنٍ وَ رِضْوانٌ مِنَ اللَّهِ أَكْبَرُ ذلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظيمُ (19)

الله جو واعدو آهي مومن مردن ۽ عورتن سان اهڙي بهشت جو جنهن ۾ هميشه وهندڙ نهرون، رهڻ لاءِ پاڪيزه گھرآهن پر الله سائين جو راضپو انهن سڀني کان مٿاهون ۽ اتم آهي ڇو ته الله جي رضا وڏي خوش نصيبي ۽ سعادت آهي .

ان عظيم مقام تي پهچڻ ڪو سولو ڪم ناهي بلڪه الله سائين جي رضا وارو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ايمان ، تقوا ،نيڪ عملن کان سوا هر حال ۾ خدائي چاهت تي هلڻ ضروري آهي .

تفسير اطيب البيان ۾ بيان ٿيل آهي ته : امام حسين (ع) عاشور وراي ڏينهن پنهنجي شهادت مهل خدا سان مناجات ڪندي فرمايو : الهي رضا بقضائک و صبرا علي بلائک و لا معبود سواک

اي منهنجا نپائڻهار! مان تنهنجي رضا تي رضا آهيان تنهنجي طرفان معين امتحان تي صبر ڪندس ۽ توکان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق ناهي .

امام حسين (ع) اها هستي آهي جو ڪربلا جي سرزمين کي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي سڀني جانثار ۽ وفادار صحابين جي رت جو ريج ڏئي وري به پنهنجي پروردگار سان مناجات ۾ رضا بقضائه جو ورد آخري گھڙين تائين جاري رکي ٿو اهڙن انسانن جي لاءِ الله سائين فرمائي ٿو: 

جَزاؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْري مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهارُ خالِدينَ فيها أَبَداً رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوا عَنْهُ ذلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهُ (20)

اهڙن انسانن جي جزا پروردگار وٽ هميشه رهندڙ بهشت آهي جنهن ۾ وهندڙ نهرون آهن ، ان حال ۾ جو هو پنهنجي رب کان ۽ سندن رب انهن کان راضي آهي جيڪي پنهنجي رب جو خوف رکندڙ انسان آهن .

امام حسين (ع) ان عظيم قربانيءَ جي وسيلي اهو مقام حاصل ڪيو ۽پروردگار جي رضا جو معيار بڻجي ويو جنهن جنهن کان به مولا راضي هوندو ته پروردگار به راضي رهندو ۽ جنهن سان مولا راضي نه هوندو ته ان کي بهشت جي بوءِ به نصيب نه ٿيندي .تفسير نور الثقلين  ۾ امام صادق (ع) کان روايت بيان ٿيل آهي ته : امام حسين (ع) رضا جو مقام حاصل ڪندڙ واضح مصداق آهي ۽ هن آيتن : يا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ ارْجِعي‏ إِلى‏ رَبِّكِ راضِيَةً مَرْضِيَّةً مان مراد امام حسين (ع) آهي. (21)

امام ٻئي مقام تي ان آيت جي تلاوت کان بعد فرمايو : إنما يعني الحسين بن علي (عليهما السلام)، فهو ذو النفس المطمئنة الراضية المرضية و أصحابه من آل محمد (صلوات الله عليهم) الراضون عن الله يوم القيامة و هو راض عنه (22)

ان آيت جو مصداق امام حسين بن علي (ع) آهي اهو مطمئن نفس رکندڙ ۽ خدا جي رضا تي راضي رهندڙ، ۽ خدا جو پسنديده انسان آهي ۽ مولا جي صحابين کان به آل محمد قيامت جي ڏينهن تائين راضي آهن ۽ خدا به انهن کان راضي آهي ۽ هو به خدا کان راضي آهن .

8. امام حسين(ع) جي طولاني عبادت

امام حسين (ع) جي عبادت متعلق روايتن ۾ بيان ٿيل آهي ته : عبد الله بن عباس كانُوا قَليلاً مِنَ اللَّيْلِ ما يَهْجَعُونَ (23 ) اهي رات جو گھٽ ننڊ ڪندا آهن ) جي تفسير ڪندي بيان ڪيو ته اها آيت امام علي (ع) امام حسن ۽ امام حسين (ع) ۽ سائڻ فاطمه زهرا (س) باري ۾ نازل ٿي آهي .

امام(ع) متعلق ٻئي روايت ۾ نقل ٿيل آهي ته هو رات جا ٻه حصا بيدار ۽ رات جو پهريون حصو آرام ڪندا هئا ۽ سحر مهل استغفار ڪندا هئا هررات جو ستر رڪعتون پڙهندڙ ۽ ختم قرآن ڪندا هئا . (24) عبادت سان انس ۽ محبت جي ڪري ئي مولا 9 محرم تي دشمنن ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته مونکي پنهنجي رب جي عبادت جو ڏاڍو شوق آهي ان ڪري اڄ وارو ڏينهن موڪل ڏيو ته جئين اڄ رات مان پنهنجي رب سان مناجات ڪري سگهان.

9. امام حسين(ع) جو صبر 

عيسي بن دائود حضرت امام موسي ڪاظم (ع) کان جنهن پنهنجي بابي امام صادق(ع) کان ان پنهنجي والد امام محمد باقر (ع) کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول الله (ص)هڪ ڏينهن امير المومنين علي (ع) امام حسن ۽ امام حسين (ع) ۽ سائڻ زهرا (س) کي گڏ ڪري گھر جو دروازو بند ڪري فرمايو : اي منهنجي خاندان وارو ! الله سائين اوهان مٿان درود ۽ سلام موڪليا آهن هي جبرئيل آهي جيڪو اڃان به موجود آهي چوي ٿو ته الله سائين فرمائي ٿو ته مان توهان جي دشمنن کي توهان جي آزمائش جو ذريعو بڻايو آهي ڇا ٿا فرمايو ؟ ته انهن سڀني فرمايو اي الله جا رسول ! الله سائين جيڪو امر اسان جي لاءِ معين ڪيو آهي اسان راضي آهيون ۽ اسان صبر ڪندا سين ته جئين خدا جي بارگاھ مان اجر ۽ مقام حاصل ڪري سگھون ڇو جو الله سائين صبر ڪندڙن سان گڏ آهي . رسول الله اهي لفظ ٻڌي ايترو گريو ڪيو جو سندس روئڻ جو آواز گھر کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ پئي آيو  ان مهل هي آيت نازل ٿي: وَ جَعَلْنا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً أَ تَصْبِرُونَ وَ كانَ رَبُّكَ بَصيرا (  25) اسان توهان منجھان ڪجھ کي ڪجھ انسانن جي لاءِ فتنو قرار ڏنو آهي ڇا توهان صبر ڪندو ۽ توهان جو رب ڏسندڙ ۽ با بصيرت آهي

اهو ئي سبب آ جو مولا صبر جي ان عظيم مقام تي پهتل آهن جو پاڻ تيرن ۽ تلوارن سان مخاطب ٿي فرمايو اي تيرو۽ تلوارو! جيڪڏهن منهنجي جسم سان خدا جو دين محفوظ رهي ته اچو ۽ منهنجي جسم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو .  تڏهن به مان خدا جي رضا لاءِ هر حال ۾ صبر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان . ان امتحان جي ڪامياب ٿيڻ سان امام حسين (ع) صابرن جو سردار بڻجي ويو. 

نتيجو : قرآني آيتن ۽ تفسير جو مطالعوڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته امام حسين (ع) اهو عظيم انسان آهي جنهن جي ڪيترن ئي فضيلتن کي قرآن مجيد به بيان فرمايو آهي ان ڪري ان جو مخالف حقيقت ۾ قرآن ۽ اسلام جو مخالف آهي ۽ ان شي جو اقرار ڪيترائي اهل سنت جا مفسر پڻ ڪن ٿا .

دعا آهي ته پرور دگار امام جي مقام کي سمجھڻ ۽ ان جي پاڪيزه سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي .

حوالا

[1] . سوره انعام آيت84، 85 ۽ 86

2. الدر المنثور في تفسير الماثور ج 3 ص 28

3 . سوره  نساء آيت 23

4 . البرهان في التفسير القرآن ج 2 ص 446 ۽ تفسير الميزان ج 7 ص 264

5. سوره انعام آيت 59

6 سوره هود آيت 122

7 . سوره جن آيت 26۽ 27 .

8 . تفسير نور الثقلين ج 5 ص 442.

9 . تفسير قمي ج 1 ص 367

10 . سوره فاطر آيت 32

1[1] . تفسير لاهيجي ج4 ص 369

12 . الميزان في تفسير القرآن ج7 ص 49

13. سوره احزاب آيت 33

14. تفسير غرائب القرآن و رعائب الفرقان ج 5 ص 460 .

15. تفسير ثعلبي ج8 ص 42 ، تفسير روح المعاني ج 11 ص 195 ۽ تفسير ابن ڪثير ج 6 ص 366

16 . ثعلبي ج8 ص43 ، ابن ڪثير ج 6 ص 368 ۽ الدر المنثُور ج 5 ص 198 ۽ 199

17 . سوره شورى آيت 23

18 . مفاتيح الغيب ج 27 ص 595 ۽ تفسيرڪشاف ج 4 ص 219.

19 . سوره توبه آيت 72.

20 . سوره بينه آيت 8

21. نور الثقلين ج5 ص 576

22 .البرهان في تفسير القرآن ج5 ص 658 .

23 . سوره ذاريات آيت 17

24 . شواهد التنزيل ج2 ص 268

25 . سوره فرقان آيت 20